پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي ته پي سي بي مختلف ملڪن جي ٽيمن کي پاڪستان آڻڻ جون ڪوششن ۾ رڌل آهن

PCB-7217

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان چيو آهي ته پي سي بي مختلف ملڪن جي ٽيمن کي پاڪستان آڻڻ جون ڪوششن ۾ رڌل آهن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريارخان چيو ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سان دوري بابت ڳالهيون هلندڙ آهن.

هن وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ هو گهڻو پر اميد آهي ته ٽيم سٺي ڪارڪردگي جو مظآهرو ڪندي.

هن چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف رٿيل سيريز ۾ رانديگر ۽ ٽيم منيجمنٽ پنهنجي زميوارين کان آگاهه آهن ۽ ٽيم ڪاميابي حاصل ڪندي.

سندس چوڻ هوته کيس خبر نه آهي ته آءِ سي سي جو ايندڙ چيئرمين ڪير هوندو، پر ششانڪ منوهر جي استعفيٰ تي افسوس ٿيو آهي.

شهريارخان وڌيڪ چيو ته ششانڪ منوهر جي استعفيٰ بعد ايندڙ آءِ سي سي اجلاس ۾ بگ ٿري کي ختم ڪرڻ بابت اڳرائي ٿيندي ۽ پي سي بي پنهنجي موقف تي قائم آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*