پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽآر آلرائونڊر شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته ميچ فڪسنگ ۾ ملوث ڪرڪيٽرز کي مثالي سزائون ڏنيون وڃن ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ ڪرپشن کي روڪي سگهجي ٿو

Shahid-Afridi-Cricket-14217

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽآر آلرائونڊر شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته ميچ فڪسنگ ۾ ملوث ڪرڪيٽرز کي مثالي سزائون ڏنيون وڃن ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ ڪرپشن کي روڪي سگهجي ٿو.

ڪراچي ۾ ميِڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته ميچ فڪسنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ پي سي بي کي سخت قدم کڻڻا پوندا.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن رانديگرن کي معلوم هوند ته ته هو پنج ورهين جي پاپندي بعد ٻيهر ٽيم ۾ واپس ايندا ته  پوءِ ڪيئن ميچ فڪسنگ کي روڪي سگهجي.

اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته اظهر علي جو ون ڊي ٽيم جي ڪتپاني کانار ٿيڻ واري فيصلو ساراهه جوڳو آهي، پر اهو اعلان ڪرڪيٽ بورڊ اظهر علي کي ڪرڻ ڏي ها ته بهتر هجي ها، پر اظهر علي کي ون ڊي اسڪواڊ مان ٻاهر ڪرڻ واري فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*