پاڪستان ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ تي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو

loc

پاڪستان ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ تي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو ۽ ڊي جي سائوٿ ايشيا ڊيسڪ پاران ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط به لکيو ويو آهي.

پرڏيهي کاتي جي آفيس مان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 17 ۽ 18 مارچ تي ڀارتي فورسز طرفان ڪنٽرول لائين جي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو.

ڊي جي سائوٿ ايشيا ڊيسڪ طرفان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط به لکيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 17 مارچ تي ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ ۾ هڪ عورت شهيد ٿي وئي.

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 18 مارچ تي نڪيال سيڪٽر تي به ڀارتي فائرنگ سبب 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا، ڀارت 2003ع جي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جيڪا بند ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*