پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته فوجي عدالتن جا مخالف ناهيون

zardari

پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته فوجي عدالتن جا مخالف ناهيون، عدالتن جو مدو هڪ سال هجڻ گهرجي، رينجرز کي سنڌ ۾ مليل اختيار ٻين صوبن کان مختلف آهن، پ پ سياسي پارٽي آهي ڪا چانهه کپائڻ جي ڪمپني ناهي جو ان جي برانڊ جو مسئلو هجي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف زرداري چيو ته اسان فوجي عدالتن جا مخالف ناهيون، پر انهن جو مدو هڪ سال هجڻ گهرجي، فوجي عدالتن بابت تجويزون تيار ڪريون پيا، جيڪي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وينديون.

پ پ جي شريڪ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن سياسي پارٽيون سمجهن ٿيون ته فوجي عدالتن بابت اسان جون تجويزون مناسب ناهن، ته ان تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.

آصف زرداري چيو ته رينجرز کي جيڪي سنڌ ۾ اختيار ڏنا ويا آهن، اهي ملڪ جي ٻين صوبن کان مختلف آهن.

هن چيو ته ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان دهشتگردن سان نه پر فوج سان گڏ آهيون، غير رياستي عنصرن خلاف گڏجي وڙهنداسين.

آصف زرداري چيو ته فوجي عدالتن جو سربراهه سيشن جج هجڻ گهرجي، اسان 1984 جي شاهدي واري قانون تي مڪمل عملدرآمد چاهيون ٿا.

آصف زرداري چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي حوالي سان حڪومت جو رويو غير سنجيده آهي، 40 سالن دوران اهڙي حڪومت ناهي ڏٺي، جنهن ۾ پرڏيهي وزير نه هجي.

آصف زرداري چيو ته شايد ميان صاحب کي ڊپ آهي ته پرڏيهي وزير کائنس وڌيڪ پاپولر نه ٿي وڃي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت وٽ ٺهيل روڊ ڊاهي وري ٻيهر ٺاهڻ لاءِ پئسا ته آهن، پر نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ لاءِ بجيٽ نه آهي.

هن چيو ته گذريل ڀيري چيو ويو هو ته سياستدانن خلاف ڪارروايون نه ٿينديون پر ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا.

پ پ جي شريڪ چيئرمين جو چوڻ هو ته پ پ سياسي پارٽي آهي، ڪا چانهه کپائڻ جي ڪمپني ناهي، جو ان جي برانڊ جو مسئلو هجي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*