پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سي ڊي اي خلاف چيف جسٽس ثاقب نثار کي خط لکي

imran khan letter

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سي ڊي اي خلاف چيف جسٽس ثاقب نثار کي خط لکي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ بنا نقشن جي وڏن وڏن پلازائن جي تعمير سان ماحولياتي خطرو وڌي ويو آهي.

عمران خان چيو ته بني گالا ۾ لينڊ مافيا سرگرم آهي، غير قانوني اڏاوتون ڪيون پيون وڃن، معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.

هن چيو ته پارڪن جا وڻ وڍي انهن کي محدو ڪري ناجائز اڏاوتون ۽ قبضا ڪيا پيا وڃن.

عمران خان چيو ته بني گالا تي وڏا وڏا پلازا تعمير ڪري بني گالا جي سونهن ختم ڪئي پئي وڃي، تنهن ڪري نوٽيس وٺي ايندڙ نسل جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*