پ پ فوجي عدالتن بابت 9 تجويزون پيش ڪري ڇڏيون آهن، پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته تجويزن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو

zardari1

پ پ فوجي عدالتن بابت 9 تجويزون پيش ڪري ڇڏيون  آهن، پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته تجويزن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف زرداريءَ فوجي عدالتن جي قيام بابت تجويزون پيش ڪيون.

آصف زرداري پاران پيش ڪيل تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته  فوجي آفيسر ۽ سيشن جج يا ايڊيشنل  سيشن جج  گڏيل طور فوجي عدالتن جي سربراهه مقرر ڪيو وڃي.

ٻي تجويز  ۾ سيشن جج يا ايڊيشنل  سيشن جج جي مقرري جو اختيار لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڏنو وڃي .

ٽين تجويز ۾فوجي عدالتن جو مدو شروع ٿيڻ جي تاريخ کان هڪ سال مقرر ڪيو وڃڻ گهرجي.

چوٿين تجويز  ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 199 تحت هاءِ ڪورٽس کي عدالتي رِويو جو اختيار هجڻ گهرجي.

پنجين تجويز  ۾ هاءِڪورٽ کي فوجي عدالتن جي فيصلي خلاف اپيل جو ڪيس 60 ڏينهن اندر اڪلايو وڃي.

آصف زرداريءَ پاران پيش ڪيل ڇهين تجويز ۾ الزام هيٺ گرفتار ڪيل  شخص کي 24 ڪلاڪن اندر لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويوآهي.

ستين تجويز ۾ جوابدار کي 24 ڪلاڪن اندر سندس گرفتاري جا سبب ٻڌائڻ، جوابدار کي پنهنجي مرضيءَ مطابق وڪيل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ نائين تجويز ۾ 1984 جي شاهدي واري قانون تي مڪمل طور عمل ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*