پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر لاهور ۾ ديرو ڄمائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Bilawal-PPP-21117

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر لاهور ۾ ديرو ڄمائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب بلاول ڀٽو جلد ملتان ۾ جلسو به ڪندو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ هفتي بلاول هائوس لاهور پهچندو، جتي سينٽرل پنجاب جي ساهيوال ڊويزن ۽ لاهور ڊويزن جا اجلاس طلب ڪري ورتا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري سينٽرل پنجاب کانپوءِ ڏکڻ پنجاب جي ضلعن ۾ عهديدارن جي چونڊ لاءِ انٽرويوز به ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي ملتان واري تڪ تي جلسو به ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*