ڀارت ۾ رياستي چونڊن دوران حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي رياست اتر پرديش ۾ ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي

BGP-India-Election-Win-11317

ڀارت ۾ رياستي چونڊن دوران حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي رياست اتر پرديش ۾ ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. بي جي پي کي اتر اکنڊ ۾ به ڪاميابي ملي آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ ڪانگريس کي ڪاميابي ملي آهي.

ڀارتي اليڪشن ڪميشن پنهنجي ويب سائيٽ تي جيڪي نتيجا رکيا آهن، انهن موجب اتر پرديش ۽ اتر اکنڊ ۾ بي جي پي پنهنجي سرڪار ٺاهڻ لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. پنجاب رياست ۾ ڪانگريس کي مڪمل اڪثريت حاصل ٿي آهي.

ڀارتي اليڪشن ڪميشن موجب ملڪ جي سڀ کان وڏي رياست اتر پرديش جي 403 سيٽن مان ڀارتيا جنتا پارٽي 312 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي. سماجوادي پارٽي ۽ ڪانگريس جي گڏيل اتحاد کي 54 سيٽون مليون.

70 سيٽن واري اتر اکنڊ رياست ۾ به بي جي پي 56 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي، ڪانگريس کي هن رياست مان رڳو 11 سيٽن تي ڪاميابي ملي سگهي.

منيپور ۽ گوا جي رياستن ۾ زبردست مقابلو ٿيو. 40 سيٽن واري گوا اسيمبلي ۾ ڪانگريس کي 17 ۽ بي جي پي کي 13 سيٽون مليون آهن. منيپور رياست ۾ به ڪانگريس کي بي جي پي تي سرسي حاصل آهي. 60 رڪني اسيمبلي ۾ ڪانگريس کي 26 ۽ بي جي پي کي 21 سيٽون مليون آهن.

117 سيٽن واري پنجاب رياست ۾ ڪانگريس 77 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي رياست جي سڀ کان وڏي جماعت طور سامهون آئي آهي. اڪالي دل ۽ بي جي پي اتحاد هن رياست ۾ رڳو 18 سيٽون حاصل ڪري سگهيو. رياستي چونڊن ۾ پهريون ڀيرو حصو وٺندڙ عام آدمي پارٽي پنجاب مان 20 سيٽون کٽي رياست جي ٻي وڏي جماعت طور سامهون آئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*