ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار محسن علي سيد جي حوالگي بابت برطانوي گهرو وزارت درخواست روڪي ڇڏي

Imran-Farooq-Case-101116

ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار محسن علي سيد جي حوالگي بابت برطانوي گهرو وزارت درخواست روڪي ڇڏي، اسڪاٽلينڊ يارڊ جوابدار کي برطانيا حوالي ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي خط لکڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي.

ذريعن موجب، اسڪاٽ لينڊيارڊ برطانوي گهرو وزارت کي درخواست ڪئي هئي ته محسن علي سيد کي برطانوي حوالي ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي درخواست ڏني وڃي.

اسڪاٽ لينڊ يارڊ جو چوڻ آهي ته جوابدار محسن علي سيد جي حوالگي وارو معاملو پوليس جو نه پر حڪومت جو آهي.

برطانوي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته حوالگي جي درخواست برطانيا جي ڪرائون پراسڪيوشن سروس جي صلاح بعد روڪي وئي.

ٻي طرف برطانوي پرڏيهي آفيس  چيو آهي ته حوالگي جي درخواست روڪڻ واري معاملي سان اداري جو ڪو به تعلق نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهو معاملو گهرو وزارت جي اختيارن جي دائري ۾ اچي ٿو.

واضع رهي ته ان کان اڳ به برطانيا ڪيترائي ڀيرا پاڪستان کي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي جو يقين ڏياريو هو پر هن وقت تائين گرفتار مرڪزي جوابدار جي حوالگي جي درخواست نه ڪئي وئي آهي.

اسڪاٽ لينڊ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ محسن علي ۽ ڪاشف خان کي نامزد ڪيو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*