ڏکڻ ڪوريا جي سپريم ڪورٽ صدر پارڪ گين خلاف مواخذي کي درست قرار ڏيندي کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Constitutional-Court-South-Koera-10317

ڏکڻ ڪوريا جي سپريم ڪورٽ صدر پارڪ گين خلاف مواخذي کي درست قرار ڏيندي کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلي ۾ چيو آهي ته هن جمهوريت جي روح ۽ قانون جي حڪمراني کي سنگين ڌڪ رسايو آهي، انڪري پارڪ گين هاءِ کي صدارت تان هٽايو وڃي ٿو.

پارڪ گين هاءِ ڏکڻ ڪوريا جي جمهوري طور تي چونڊيل پهرين اڳواڻ آهي، جنهن کي ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيڻ تي عهدي تان برطرف ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني آئيني بينچ سڀني ججن اتفاق راءِ سان فيصلي ۾ پارليامان پاران صدر پارڪ گين هاءِ جي مواخذي کي درست قرار ڏنو، چيف جسٽس کي جنگ مــِي  فيصلي ۾ چيو ته صدر گين پنهنجي فعل سان “جمهوريت جي روح ۽ قانون جي حڪمراني کي سنگين طور تي ڌڪ رسايو آهي.

ڪرپشن جي اسڪينڊل ۾ پارڪ گين هاءِ ۽ سندس دوست چوئي سون سل جي ملوث هجڻ تي پارليامينٽ سندس مواخذو ڪيو هو.

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ  صدر گين هاءِ کي برطرف ڪرڻ کان اڳ پارليامينٽ پاران ان جي مواخذي جي عمل تي تفصيلي ٻڌڻي ڪئي.

سرڪاري خابرو اداري موجب عدالت چيو ته صدر پارڪ ڳجهي سرڪاري ڄاڻ کي راز رکڻ جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪيترائي اهم دستاويز ليڪ ڪيا ۽ پنهنجي دوست چوئي کي حڪومتي معاملن ۾ مداخلت جي اجازت ڏئي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي،

صدارت جي عهدي تان پارڪ گين جي برطرفي جو مطلب ڏکڻ ڪوريا کي ايندڙ مئي تائين نئين صدر جي چونڊ ڪرڻي پوندي،

ان فيصلي سان پارڪ گين ان ڇوٽ کان به محروم ٿي چڪي آهي، جيڪا کليس صدر طور حاصل هئي ۽ هاڻي مٿس ڪرپشن جا ڪيس به هلايا ويندا.

صدر پارڪ گين کي گذريل سال ڊسمبر  ۾ ذميوارين کان آجو ڪيو ويو هو ۽ صدر جا فرض ملڪي وزيراعظم نڀائي رهيو  آهي.

صدر پارڪ گين جي ويجهي دوست چوئي سون سل دوکو ڏيڻ ۽ اقتدار جي ناجائز استعمال جي الزامن هيٺ حراست ۾ آهيم، مٿس ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپينن کان به ڳري رقم رشوت طور وٺڻ جا الزام آهن، پر ٻئي عورتون ڪرپشن جي الزامن کان انڪاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*