ڪراچي جي احتساب عدالت ڪچي آبادي اٿارٽي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي پلي بارگين واري ضمانت منظور ڪري ورتي

ATC-Karachi-171016

ڪراچي جي احتساب عدالت ڪچي آبادي اٿارٽي  ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي پلي بارگين واري ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت چيو آهي ته جوابدار ڪنهن به سرڪاري يا عوامي عهدي لاءِ 10 سالن تائين نااهل هوندا.

احتساب عدالت جوابدارن علي رضا ۽ مسز چاند گلشن جي ڪچي آبادي اٿارٽي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري ريفرنس ۾ پلي بارگين واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

نيب عدالت کي آگاهي ڏني ته نيب چيئرمين به ٻنهي جوابدارن جي پلي بارگين واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي، جنهن تحت ٻئي جوابدار 4 ڪروڙ 44 لک رپيا ادا ڪندا.

عدالت ٻنهي جوابدارن علي رضا ۽ مسز چاند گلشن جي پلي بارگين واري درخواست منظور ڪندي چيو ته ٻئي جوابدار 10 سالن تائين ڪنهن به سرڪاري يا عوامي عهدي لاءِ نااهل هوندا.

ڪچي آبادي اٿارٽي ريفرنس ۾ اڳوڻو ايم ڊي اصغر عباس به شامل آهي، جوابدارن تي اٿارٽي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*