ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪن رشيد عرف ڊاڪٽر کي 21 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ATC-16-4-16

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪن رشيد عرف ڊاڪٽر کي 21 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدار رشيد عرف ڊاڪٽر کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

سرڪاري وڪيل جواد اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار مٿان ڌماڪيدار مادو ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو آهي، جنهن جو مٿس رسالا ٿاڻي تي ڪيس به داخل آهي.

پوليس عدالت کي وڌيڪ آگاهي ڏيندي چيو ته جوابدار جا ڀارتي ڳجهي اداري “را” سان به رابطا هئا.

عدالت جوابدار مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 21 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*