ڪنڊياري ۾ قومي شاهراهه تي قائم ٿيل ٽول پلازه تي ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف43 هين ڏينهن به شهرين، ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ شهرين جي وڏي انگ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو

kandiyaro

ڪنڊياري ۾ قومي شاهراهه تي قائم ٿيل ٽول پلازه تي ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف43 هين ڏينهن به شهرين، ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ شهرين جي وڏي انگ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهري اتحاد جي صدر مير خان سهتو، خالد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ هزارين شهرين ٽيڪس اوڳاڙي خلاف  اسٽار چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ٻين چيو ته ڪنڊيارو ٽول پلازه انتظاميه مقامي رهواسين کان ڏنڊي جي زور تي ٽول ٽئڪس وٺي مقامي رهواسين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، اختياريون ڪوبه نوٽيس نه وٺي رهيون آهن.

هنن چيو ته ٽئڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڊرائيورن تي سخت تشدد ڪري ڊرائيورن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي.

اڳواڻن چيو ته ملڪ جي هر ضلعي ۾ هڪ ٽول پلازه قائم ٿيل آهي پر نوشهروفيروز ضلعي اندر 35 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ٻه ٽول پلازه  قائم ڪيا ويا آهن، جيڪو غيرقانوني عمل آهي.

هنن چيو ته ٽول پلازه خلاف عدالت ۾ پٽيشن پڻ داخل ٿيل آهي پر ان جي باوجود به ٽول پلازه جو عملو ڏنڊي جي زور تي ٽئڪس وصول ڪري رهيو آهي.

اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٽيڪس اوڳاري جو سلسلو بند نه ٿيو ته احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*