ڪنڊياري ۾ مقامي ماڻهن کان ٽول ٽيڪس جي وصولي خلاف شهرين 32هين ڏينهن به هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي

kandiyaro

ڪنڊياري ۾ مقامي ماڻهن کان ٽول ٽيڪس جي وصولي خلاف شهرين 32هين ڏينهن به هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي.

 ڪنڊياري جي دڪاندارن،آل پارٽيزالائنس،پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو، شهرين ، ٽرانسپورٽرن۽ٽيڪسي ڊرائيورن پاران 32 هين ڏينهن به مقامي ماڻهن کان ٽول ٽيڪس جي وصولي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد  بس اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ان موقعي تي شهري اتحاد جي صدر مير خان سهتي، آل پارٽيز الائنس جي اڳواڻ خالد ملاح،نعيم ڏهراج،  مولانا رمضان خاصخيلي،ظفر کوسو ۽ ٻين الزام هنيو ته ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي قائم ڪيل ٽول پلازه تي مقامي ماڻهن کان جبري ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي.

 احتجاج ڪندڙن موجب ٽول ٽيڪس نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڊرائيورن تي سخت تشدد ڪيو وڃي ٿو.

 هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي معاملي جو نوٽيس وٺي ڪنڊياري ۾ قائم ڪيل ٽول پلازه کي ختم ڪرايو وڃي …….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*