اطلاعات بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جي آءِ ٽي کي رد ڪندڙ توهين عدالت ڪري رهيا آهن

mariyam oranzab

 اطلاعات بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جي آءِ ٽي کي رد ڪندڙ توهين عدالت ڪري رهيا آهن، جن چار سالن ۾ ڪجهه نه ڪيو اهي، اهي واويلا پيا ڪن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان جوڙيل جي آءِ ٽي کي رد ڪندڙ توهين عدالت ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد جي آءِ ٽي رد ڪندڙ ماڻهن کي پنهنجن صوبن ۾ وڃي ترقياتي ڪم ڪرائڻ گهرجن ها.

هن چيو ته ماڻهن جن سياستدانن کي ووٽ ڏنو، اهي انهن کان مايوس ٿي چڪا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته نواز ليگ  جي مقبوليت مخالفن کان برداشت نٿي ٿئي، پاناما فيصلي  واويلا ڪئي پئي وڃي.

مريم اورنگزيب چيو ته سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي کي رد ڪندڙ عدالت جي توهين ڪري رهيا آهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*