بلوچستان جي ڪوئيٽا شهر ۾ ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ سبب 3 ٻارڙا زخمي ٿي پيا

Quetta-Blast-21417

بلوچستان جي ڪوئيٽا شهر ۾ ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ سبب 3 ٻارڙا زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ڪچري ڪنڊي ۾ ٿيو.

زرغون روڊ تي ڪچري ڪنڊي ۾ ٿيلي اندر پيل ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ سبب 12 ورهين جو نينگر آغا محمد، 14 ورهين جي  بور محمد ۽ 10 ورهين جو عاطف شاهه قوم الڪوزئي زخمي ٿي پيا.

زخمي ٿيل ٽنهي نينگرن کي ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدارو مادو ڪچري ڪنڊي ۾ هڪ ٿيلهي اندر پيل هو. ……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*