جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو منزل نه پر ڪاميابي آهي

siraj ul haq

 جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو منزل نه پر ڪاميابي آهي، نوازشريف جي ڪرسي تي هوندي ادارا ڪم ڪري نه سگهندا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته وزيراعظم هاڻي استعيفيٰ ڏئي، 60 ڏينهن بعد جاچ مان بري ٿئي ته پوءِ ڀلي ٻيهر ڪرسي سنڀالي.

سندس چوڻ هو ته پنج مان ٻن ججن وزيراعظم نوازشريف کي نااهل قرار ڏنو، اعتراز احسن سٺو وڪيل آهي پر پنهنجي پارٽي جو پابند آهي.

هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف اخلاقي طور جاچ مڪمل ٿيڻ تائين استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو.

هن چيو ته ٻاهران ماڻهو ايندا ته داغدار وزيراعظم سان ملندا، جي آءِ ٽي بابت وڪيلن سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.

سراج الحق چيو ته اعتزاز احسن پارٽي فيصلي سبب سپريم ڪورٽ ۾ نه آيو، پاناما ڪيس تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو منزل نه پر هڪ قدم آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*