حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ هڪ صديءَ کان بيٺل قديمي وڻ وڍيا ويا

Hussain abad sindh tree

حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ هڪ صديءَ کان بيٺل قديمي وڻ وڍيا ويا، رهواسين احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ ڪمشنر ميرپورخاص شفيق احمد مهيسر کي غير قانوني طور بنگلو الاٽ ڪيو ويو، جيڪو وڻ وڍرائي رهيو آهي.  سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ ڪمشنر ميرپورخاص شفيق احمد مهيسر جي بنگلي تي وڻ جو ٽار ڪرڻ کانپوءِ حسين آباد ۾ قديمي وڻن جي واڍي جاري آهي، جنهن سبب ڪيترائي وڻ وڍيا ويا آهن.  رهواسين وڻن جي واڍي خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته ڪمشنر ميرپورخاص سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهن کي غير قانوني طور سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾ بنگلا الاٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي وڻ وڍرائي رهيا آهن.

رهواسين جي احتجاج کانپوءِ پوليس به پهچي وئي، ڪمشنر جي گارڊ کي گرفتار ڪري پوليس وين ۾ ويهاريو، جيڪو لهي فرار ٿي ويو.  سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن اينڊ فناس آغا شاهد حسين جو چوڻ آهي ته 20 کان وڌيڪ غير لاڳاپيل ماڻهن کي سيڊ ڪارپوريشن اندر گهر الاٽ ٿيل آهن، بورڊ جي فيصلي ۽ سيڊ ڪارپوريشن جي قاعدن موجب ٻاهرين ماڻهن کي بنگلا توڙي ڪوارٽر الاٽ نٿا ڪري سگهجن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*