دهشت گردي خلاف آپريشن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پاڪ فوج جي آفيسرز ۽ جوانن جي اعزاز ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ تقريب منقعد

qamar bajwa

دهشت گردي خلاف آپريشن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پاڪ فوج جي آفيسرز ۽ جوانن  جي اعزاز ۾ جي ايڇ  ڪيو ۾ تقريب منقعد ڪئي وئي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته آپريشن ۾ حصو وٺندڙ جوان قوم جا حقيقي هيروز آهن.  آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ دهشت گردي خلاف جنگ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پاڪ فوج جي آفيسرز ۽ جوانن  جي اعزاز ۾تقريب منقعد ڪئي وئي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.  تقريب دوران آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ  33 آفيسرز ۽ جوانن  ۾ ايوارڊز  ورهايا، جڏهن ته شهيد آرمي آفيسرن جا ايوارڊز  سندن وارثن وصول ڪيا.  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آپريشن ۾ حصو وٺندڙ جوان قوم جا حقيقي هيروز آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*