ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پاناما معاملي جو ڪو به گيس پيپر نه آهي

khuwaja saad rafiq

ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پاناما معاملي جو ڪو به گيس پيپر نه آهي، پاناما فيصلو ڪهڙو ايندو اها الله کي ئي خبر آهي، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو ٻئي وزيراعظم جا اميدوار آهن.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته سنڌ ۾ ڪو به ڪم ميرٽ تي نه پيو ٿئي. خواجا سعد رفيق چيو ته  پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو صدر آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي جو چيرمين بلاول ڀٽو ٻئي وزيراعظم جا اميدوار آهن.  سندس چوڻ هو ته ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي، سندس خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.  خواجه سعد رفيق جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاناما ڪيس جو ڪو گيس پيپر نه آهي، فيصلو ڪهڙو ايندو ان جي خبر نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*