سجاول جوڻيجي ۾ آبادگارن کي بارداڻو نه ملڻ خلاف پ پ شهيد ڀٽو پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

sajwal

سجاول جوڻيجي ۾ آبادگارن کي بارداڻو نه ملڻ خلاف پ پ شهيد ڀٽو پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

عنايت عمراڻي ۽ امداد مگسي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن الزام هنيو ته فوڊ سنيٽر جا عملدار بارداڻو غريب آبادگارن کي ڏيڻ بدران واپارين کي وڪرو رهيا آهن.

هنن چيو ته بارداڻو نه ملڻ ڪري غريب آبادگار ڪڻڪ سستي اگهه تي واپارين کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ٽن ڏينهن ۾ آبادگارن کي بارداڻو نه ڏنو ويو ته مين روڊ تي ڌرڻو هڻي بلاڪ ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*