سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ گريڊ هڪ کان گريڊ 15 تائين ڀرتين جا سمورا اختيار کاتي سيڪريٽري کي ڏئي ڇڏيا آهن

Sindh Education goverment

سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ گريڊ هڪ کان گريڊ 15 تائين ڀرتين جا سمورا اختيار کاتي سيڪريٽري کي ڏئي ڇڏيا آهن، سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.  سنڌ حڪومت سنڌ سول سرونٽس رولز 1973ع جي سيڪشن 26 ۾ ترميم ڪري تعليم کاتي ۾ گريڊ هڪ گريڊ 15 تائين جي ملازمن جي ڀرتين جا اختيار ڊي اِي او تعليم ۽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن کان واپس وٺي ڇڏيا آهن.  سنڌ سرڪار تعليم کاتي ۾ گريڊ هڪ کان 15هين گريڊ تائين جي ملازمن جي ڀرتين جا اختيار کاتي جي سيڪريٽري حوالي ڪيا ويا آهن، چيف سيڪريٽري اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.  ان کان اڳ تعليم کاتي ۾ گريڊ هڪ کان گريڊ 15 تائين جي ملازمن جون ڀرتيون تعلقي، ضلعي ۽ ڊويزن سطح تي لاڳاپيل آفيسرز ڪندا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*