سينيٽ ۾ گڏيل اپوزيشن سخت احتجاج ڪندي “ گو نواز گو جا نعرا”، هنيا ۽ وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبوڪيو

senat ijlas

سينيٽ ۾ گڏيل اپوزيشن سخت احتجاج ڪندي “ گو نواز گو جا نعرا”، هنيا ۽ وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبوڪيو.

پاناما فيصلي بعد سينيٽ جو اجلاس جئين شروع ٿيو ته اپوزيشن جماعتن جي ميمبرن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو.

سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن سينيٽرز ڪاريون پٽيون ٻڌي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

سينيٽ اجلاس ۾ ميمبرن پاران وزيراعظم نوازشريف خلاف گو نواز گو جا نعرا به هنيا ويا.

اجلاس ۾ وزيراعظم نوازشريف کان فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو به ڪيو ويو.

سينيٽ چيئرمين اجلاس کي احتجاج سبب اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*