سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ۾ سهڪار لاءِ وزيراعظم نوازشريف، حسن ۽ حسين نواز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

 supreme court

سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ۾ سهڪار لاءِ وزيراعظم نوازشريف، حسن ۽ حسين نواز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سپريم ڪورٽ پاناما فيصلي ۾ وڌيڪ جاچ لاءِ جي ٽي آءِ جوڙڻ ۽ ان ۾ وزيراعظم ۽ سندس اولاد کي بينچ سان سهڪار جو چيو ويو آهي.

نوٽيسز وزيراعظم جي سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ ذريعي موڪليا ويا آهن. جن ۾ وزيراعظم کي جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ جو اشارو نه ڏنو ويو آهي.

نوٽيسز ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن جي آءِ ٽي وزيراعظم کي جاچ لاءِ طلب ڪري ٿي ته سهڪار ڪيو وڃي.

جيڪڏهن وزيراعظم کي گهرائڻ جي ضرورت پئي ته  پهرين سپريم ڪورٽ کان آرڊر ورتو ويندو بعد کيس گهرايو ويندو.

سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ وڌيڪ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي 60 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*