شهدادپور ۾ نوجوان جي گرفتاري خلاف نوناري برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو

Shahdadpu

 شهدادپور ۾ نوجوان جي گرفتاري خلاف نوناري برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ جلال نوناري جي عورتن ۽ مردن شهدادپور پوليس هٿان سندن نوجوان وحيد علي نوناري جي گرفتاري خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري  پوليس خلاف نعري بازي ڪئي.

 ان موقعي تي گرفتار ڪيل نوجوان وحيد علي جي والده فاطمه نوناري الزام هڻندي چيو ته شهدادپور پوليس بااثر جي چوڻ تي سندس پٽ کي گرفتار ڪري  چرس جي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪيوآهي.

هن آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي ته سندس پٽ جي گرفتاري جي جاچ ڪرائي ساڻس انصاف ڪيو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*