عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پپو پاس نه پر فيل ٿيو آهي، ٽن پرچن ۾ پاس ٿيڻ تي مٺائي ورهائي پئي وڃي

shaikh rasheed

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پپو پاس نه پر فيل ٿيو آهي، ٽن پرچن ۾ پاس ٿيڻ تي مٺائي ورهائي پئي وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سموريون جماعتون چونڊن واري عمل ۾ شامل ٿي چڪيون آهن، گو نواز گو نعرو چونڊن جو سڀ کان وڏو بڻبو.

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن جو ڪم حڪومت تي تنقيد ڪرڻ آهي، بجيٽ کان پوءِ ٿي سگهي ٿو نوازشريف چونڊن ڏانهن هليو وڃي.

هن چيو ته وزيراعظم خلاف تحريڪ هلائڻ گهرجي، هاڻ سندس اهو مقام نه رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته عمران خان سان گذريل ملاقات ٿي هئي، ساڻس تفيصلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته شڪر آهي ته پيپلزپارٽي ۾ به ساهه آيو، اڳ ۾ پاناما ۽ نيوز ليڪس بابت ڪا به ڳالهه نه ڪئي ويندي هئي.

شيخ رشيد چيو ته کيس اميد هئي ته ٽي جج هيڏانهن هوڏانهن ويندا، مٺائي کائيندڙ 60 ڏينهن بعد شام غريبان به ملهائيندا.

هن چيو ته ججن قطري خط کي به ڪچري جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو، ٻن سينيئر ججن چيو ته نوازشريف صادق ۽ امين نه رهيو آهي

شيخ رشيد چيو ته پپو پاس نه پر فيل ٿيو آهي، ٽن پرچن ۾ پاس ٿيڻ تي مٺائي ورهائي پئي وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*