قومي اسيمبلي ۾ پانامافيصلي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي اسپيڪر ڊائيس آڏو احتجاج ڪري ايجنڊي جون ڪاپيون ڦاڙي وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو

national assembly

 قومي اسيمبلي ۾ پانامافيصلي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي اسپيڪر ڊائيس آڏو احتجاج ڪري ايجنڊي جون ڪاپيون ڦاڙي وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس 15 منٽ دير سان شروع ٿيڻ بعد اپوزيشن جماعتن وزيراعظم نوازشريف خلاف نعريبازي ڪئي.

اپوزيشن ميمبرن ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جي ڊيسڪ آڏو ايجنڊي جون ڪاپيون ڦاڙيون.

قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن جماعتن طرفان سخت نعريبازي به ڪئي وئي، جنهن بعد ايوان ۾ هل هنگامو ٿي ويو.

خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي، هو پنهنجو احتجاج جاري رکندا.

هن چيو آهي ته جي آءِ ٽي جوڙڻي آهي ته سپريم ڪورٽ جي سينيئر يا چئني هائڪورٽس جي چيف جسٽسز تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙي وڃي.

خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي نواز ليگ جو ساٿ ڏنو آهي، جنهن سبب کين نوازشريف کي سهارو ڏيڻ جو به طعنو هنيو ويندو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ هل هنگامي بعد ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*