لاڙڪاڻي ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي ماکي جي مکين جي حملي ۾6 اهلڪار زخمي ٿي پيا، سينٽر اندر موجود اهلڪارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي

larkana police tring

 لاڙڪاڻي ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي ماکي جي مکين جي حملي ۾6 اهلڪار زخمي ٿي پيا، سينٽر اندر موجود اهلڪارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ ماکي جي مکين اوچتو حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾عمران بروهي، صدام حسين 6 شاهاڻي بلاول سڌايو سميت 6 پوليس اهلڪار ڏنگجي سخت زخمي ٿي پيا.

زخمي ٿيل اهلڪارن کي بيهوشي واري حالت ۾کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي اهلڪارن کي طبي امداد ڏئي هوش ۾ آندو ويو.

چانڊڪا اسپتال ۾داخل پوليس اهلڪارن ميڊيا کي ٻڌايو ته هوٽريننگ سينٽر ۾ امتحاني پيپر ڏئي رهيا هئا ته اوچتو ماکي جي مکين مٿن حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ هو ڏنگجي سخت زخمي ٿي پيا.

ماکي جي مکين جي حملي دوران ٽريننگ سينٽر اندر موجود اهلڪارن ۾ ڀاڄ پئجي وئي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*