لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ اهم شخصيتن ۽ پرڏيهي ڳجهين ايجنسين سان رابطن ۽ مختلف کاتن کان ڪروڙين رپيا ڀتو وٺڻ جو اعتراف

Uzair baloch

لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ اهم شخصيتن ۽ پرڏيهي ڳجهين ايجنسين سان رابطن ۽ مختلف کاتن کان ڪروڙين رپيا ڀتو وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي.  ذريعن موجب لياري گينگ وار جي سربراهه عذير بلوچ گرفتاري کانپوءِ 164 تحت مئجسٽريٽ آڏو پنهنجو اعترافي بيان رڪارڊ ڪرايو.   ذريعن موجب رڪارڊ ڪرايل پنهنجي بيان ۾ عذير بلوچ اعتراف ڪيو آهي ته هُن جا اهم شخصيتن ۽ پرڏيهي ڳجهين ايجنسين سان رابطا هئا.  عذير بلوچ موجب اعترافي بيان ۾ هن چيو ته هو مختلف کاتن کان ڪروڙين رپيا ڀتو وٺندو هو، فشريز مان کيس 20 لک رپيا هر مهيني ڀتو ملندو هو.  اعترافي بيان ۾ عذير بلوچ جو اهو به چوڻ هو ته سعيد بلوچ ۽ نثار مورائي کي سندس سفارش تي فشريز ۾ مقرر ڪيو ويو هو.

عذير بلوچ موجب ڏوهاري سرگرمين ۾ مدد ڏيڻ لاءِ مختلف ٿاڻن تي هو پنهنجي مرضي جا ايس ايڇ اوز به مقرر ڪرائيندو هو.  هن ٻڌايو ته حاجي ناصر کي هو ايراني ڳجهي ايجنسي جي نمائندي طور سڃاڻندو هو، هن ئي سندس ايراني ڳجهي ايجنسي جي هڪ آفيسر سان ملاقات پڻ ڪرائي هئي.  عذير بلوچ اعترافي بيان ۾ چيو ته هن ئي ايراني انٽليجنس جي آفيسر کي ڪور ڪمانڊر، اسٽيشن ڪمانڊر ۽ نيول ڪمانڊر، سميت ڪراچي ۾ آرمڊ فورسز بابت معلومات فراهم ڪئي هئي.

ذريعن موجب عذير بلوچ بيان ۾ پنهنجي ۽ گهر ڀاتين جي جان کي خطرو هجڻ جو به ذڪر ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*