مشهور ڀارتي اداڪار ونود کنا ڪئنسر جي مرض سبب 70 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي

vinod khanna

مشهور ڀارتي اداڪار ونود کنا ڪئنسر جي مرض سبب 70 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

1968 ۾ فلم من ڪا ميت سان فلم نگريءَ ۾ پير رکندڙ ونود کنا، 70 ۽ 80 جي ڏهاڪي ۾ فلمي اسڪرين تي ڇانيل رهيو، هن ڪيرئر جي شروعات منفي ڪردارن سان ڪئي، جنهن بعد کيس ليڊ ملڻ لڳا..سندس مشهور فلمن ۾ امر اڪبر انٿوني، لهو ڪي دو رنگ، قرباني، دياوان، ميري اپني، ميرا گائون ميرا ديش، امتحان، انڪار، جرم ۽ انصاف  شامل آهن.

100 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار ونود کنا کي 1999 ۽ 2007 ۾ 2 ڀيرا فلم فيئر لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڏنو ويو، جڏهن ته فلم هاٿ ڪي صفائي ۾ کيس بهترين سهڪاري اداڪار جو ايوارڊ مليو..

1982 ۾ اوشو رجنيش جي آشرم ۾ رهندڙ ونود کنا سياست ۾ به سرگرم رهيو ۽ گرداس پور جي تڪ تان ايم پي به رهيو.

 عمر جي پوئين حضي ۾ به هن فلم انصاف. دبنگ، دبنگ 2، پليئر ۽ دل والي فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا..

ونود کنا پهرين گيت انجلي ۽ بعد ۾ ڪويتا سان شادي ڪئي، سندس اولاد ۾ پٽ راهل کنا، اڪشي کنا ۽ ساڪشي کنا ۽ ڌيءَ شرڌا کنا شامل آهن.

ونود کنا ڪجهه عرصي کان ڪئنسر سبب ممبئي جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هن ديهانت ڪيو، ڪجهه ڏينهن اڳ سندس بيماري واري حالت جون ڪجهه تصويرون جاري ڪيون ويون، جنهن سندس مداحن کي ڏکارو ڪري ڇڏيو هو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*