مملڪتي وزير بليغ الرحمان چيو آهي ته سنڌ مان ٻن ماڻهن جي گم ٿيڻ ۾ وفاقي گهرو وزارت جو ڪو به ڪردار ناهي

Baleeg rehman

ماڻهن جي گم ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي مملڪتي وزير بليغ الرحمان چيو آهي ته سنڌ مان ٻن ماڻهن جي گم ٿيڻ  ۾  وفاقي گهرو وزارت جو ڪو به ڪردار ناهي،گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري آهي.  اسلام آباد ۾ ڳالهائيندي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير بليغ الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته کيس ماڻهن جي گم ٿيڻ تي افسوس آهي پر  گم ٿيل ماڻهن واري معاملي سان رينجرز توڙي وفاق گهر وزارت جو ڪو به  تعلق ناهي.  هن ٻڌايو ته اسلام آباد مان هڪ ماڻهو گم ٿيو آهي، جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي کيس ترت ئي بازياب ڪرايو ويندو.  هن چيو ته سنڌ ۾  امن امان جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي پ پ جي حڪومتي   دور کان هن وقت  امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*