نوابشاهه ويجهو ڳوٺ عبدالحڪيم منگيو ۾ 18 سالن هلندڙ مڊل اسڪول بند ڪري استادن کي واپس گهرائڻ خلاف رهواسين ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو

nawabshah

نوابشاهه ويجهو ڳوٺ عبدالحڪيم منگيو ۾ 18 سالن هلندڙ مڊل اسڪول بند ڪري استادن کي واپس گهرائڻ خلاف رهواسين ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

علي اصغر منگيو ۽ عبدالقيوم جي اڳواڻي ۾ رهواسين ۽ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي ميڊيا سان ڳا لهائيندي رهواسين چيو ته ڳوٺ ۾ هڪ اين جي اوز پاران کوليل مڊل اسڪول 18 سالن هلي رهيو هو، جنهن ۾ 270 شاگردياڻيون ۽ شاگرد پڙهي رهيا هئا.

هنن چيو ته مارچ مهيني ۾ اوچتو اسڪول کي بنا ڪنهن سبب جي بند ڪيو ويو آهي، جنهن سان سوين شاگردن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، نوٽيس ورتو وڃي.

رهواسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بند پيل مڊل اسڪول کولرائي سوين شاگردياڻين ۽ شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*