نوبل انعام يافته ملالا يوسف زئي جي امڙ تور پکئي يوسف زئي چيو آهي ته گذريل پنج سالن دوران سندس نياڻي تبديل ٿي وئي آهي

malala

نوبل انعام يافته ملالا يوسف زئي جي امڙ تور پکئي يوسف زئي چيو آهي ته گذريل پنج سالن دوران سندس نياڻي تبديل ٿي وئي آهي.

برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي تور پکئي يوسف زئي جو چوڻ هو ته سڀ ڪجهه پاڪستان ۾ ڇڏي اچڻ تمام گهڻو ڏکيو هو.

سندس چوڻ هو ته کين اندازو نه هو ته کين پرڏيهي ملڪ ۾ رهڻو پوندو، جڏهن ٻيا ماڻهو ملڪ ڇڏيندا آهن ته اهي هر قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن پر هو تيار نه هئا.

هن چيو ته کين اچانڪ پاڪستان ڇڏڻو پيو هو، حملي سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏي، سندن سڄوڌيان ملالا جي حياتي تي هو.

ملالا يوسف زئي جي امڙ جو چوڻ هو ته هاڻ انهن جي مقصد ماڻهن ۾ تعليمي جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ان لاءِ هو هر شيءَ ۾ وڌيڪ شامل رهندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*