وفاقي حڪومت پاران اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ راحيل شريف کي اين اوسي جاري

Raheel-Sharif-NOC-21417

وفاقي حڪومت پاران اڳوڻي آرمي چيف  جنرل  رٽائرڊ راحيل شريف کي اين اوسي جاري ڪرڻ بعد جنرل راحيل شريف سعودي عرب جي سربراهي ۾ ٺهندڙ اسلامي ملڪن جي اتحاد جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ خصوصي اڏام ذريعي سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي، بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته جي ايڇ ڪيو جي منظوري کانپوءِ جنرل راحيل شريف کي اين او سي جاري ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب جنرل راحيل شريف دهشتگردي خلاف سعودي عرب جي سربراهي ۾ ٺهندڙ 34 ملڪن جي اتحاد جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ ڪٽنب سميت سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب جنرل رٽائرڊ راحيل شريف سعودي عرب پاران موڪليل خصوصي اڏام ذريعي  لاهور جي علام اقبال ايئرپورٽ  انٽر نيشنل ايئرپورٽ کان سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض روانو ٿي ويو آهي.

بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف موجب جنرل رٽائرڊ راحيل شريف سعودي عرب ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پڇيو هو ۽ جي ايڇ ڪيو جي منظوري کانپوءِ کيس اين او سي جاري ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*