وفاقي وزيرن ۽ نوازليگ اڳواڻن پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف تي سخت تنقيد ڪئي آهي

abid sher ali

 وفاقي وزيرن ۽ نوازليگ اڳواڻن پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف تي سخت تنقيد  ڪئي آهي، عابد شير علي چيو آهي ته ڇا جاچ ڌاڙيل آصف زرداري، آنٽي ايان، شرجيل ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عاصم تي ٻڌل جي آءِ ٽي کان ڪرائي وڃي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته هو ٽوپيءَ واري بابا کي پي ٽي آءِ ۽ نوازليگ ۾ نڪاح ڪرائڻ جي مبارڪ ڏئي ٿو.

سندس چوڻ هو ته 20 اپريل پاڪستان جي عوام لاءِ خوشي جو ڏهاڙو هو، نوازسرڪار ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.

هن چيو ته ته اڄ هو نوان نوان نڪاح ڏسي رهيا آهن، هو بجلي بحران جي خاتمي لاءِ هو قدم کڻي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته هتي نوان نوان نڪاح ٿي رهيا آهن، مخالفن کان ملڪ جي ترقي برداشت نٿي ٿئي.

عابد شير علي چيو ته 20 اپريل وارو ڏينهن پاڪستان جي عوام لاءِ خوشي جو ڏينهن هو، هو ٽوپيءَ واري بابا کي پي ٽي آءِ ۽ نوازليگ ۾ نڪاح ڪرائڻ جي مبارڪ ڏئي ٿو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*