پاناما جو فيصلو حڪومتي ميمبرن کانسواءِ ٻيو سڀني کي سمجهه ۾ اچي ويو آهي، وزيراعظم کي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي, مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه

Khursheed-Shah-21417

مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پاناما جو فيصلو حڪومتي ميمبرن کانسواءِ ٻيو سڀني کي سمجهه ۾ اچي ويو آهي، وزيراعظم کي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ اپوزيشن جماعتن جو اجلاس خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاناما فيصلي بعد پيدا ٿيل صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس دورن سمورين اپوزيشن جماعتن  وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

ان موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته حڪومتي ميمبرن کانسواءِ ٻين سمورين جماعتن کي پاناما جو فيصلو سمجهه ۾ اچي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾  وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ويندو.

هن چيو ته اڄوڪو اجلاس صرف هڪ ڪلاڪ تائين رهندو، حڪومت کي اپوزيشن طرفان گڏيل پيغام ويندو.

خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم نوازشريف کي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*