پاناما فيصلي تي اطمعنان جو اظهار ڪندي سينئير سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته پاناما فيصلو انصاف جي فتح آهي
پاناما فيصلي تي اطمعنان جو اظهار ڪندي سينئير سياستدان مخدوم جاويد هاشمي چيو آهي ته پاناما فيصلو انصاف جي فتح آهي، نوازشريف وزراعظم آهي ۽ رهندو.
پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ جاويد هاشمي چيو ته جيڪڏهن ڪو حادثو به ٿئي ٿو ته حڪومت کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
سندس چوڻهو ته وزيراعظم نوازشريف کان ڪجهه پارٽيون استعيفيٰ جو مطالبو ڪنديون رهيون آهن.
هن چيو ته هنءَ پاڻ به وزيراعظم کان استعيفيٰٰ جو مطالبو ڪيو هو، پر نوازشريف وزاعظم آهي ۽ رهندو.
سينيئر سياستدان چيو ته هو پاناما جي آيل فيصلي کان مطمئن آهي، عدالتي فيصلا وڏا ٿيندا آهن.
جاويد هاشمي چيو ته پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ انصاف جي فتح ٿي آهي………….