پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾رٿيل ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کان پهرين ٽن ڏينهن واري ٽور ميچ اڄ کان کيڏي ويندي

West-Vs-Pak-Test-15417

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾رٿيل ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کان پهرين ٽن ڏينهن واري ٽور ميچ اڄ کان کيڏي ويندي.

پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق، يونس خان، اسد شفيق، اظهر علي، شان مسعود،ياسر شاهه سان گڏ نوجوان ڪرڪيٽرز محمد اصغر ۽ محمد عباس اسڪواڊ کي جوائن ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل ٽيم جي سمورن رانديگرن سبائنا پارڪ ۾ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران ٽيم جي سمورن رانديگرن گهڻو وقت نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي ڌيان ڏنو.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 21 تاريخ تي ڪنگسٽن ۾ کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*