پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر وزيرا عظم کان استعيفيٰ جو مطالبو

Imran-Khan-21417

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر وزيرا عظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو  آهي ته قطري خط هڪ مذاق هو، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي چوڻ تي سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ته ڏنو آهي، پر نواز شريف جي وزير اعظم هجڻ سان ماتحت ادارا شفاف نموني جاچ نه ڪري سگهندا.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائندي عمران خان جو چوڻ هو ته دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ٿيندو جو جاچ ڪندڙ ادارا جاچ هيٺ شخص جي ماتحت هجن.

عمران خان چيو ته وزير اعظم جمهوريت ۾ اخلاقي قووت سان حڪمراني  ڪندو آهي، پر نواز شريف اها طاقت وڃائي چڪو آهي.

عمران خان چيو ته نواز شريف خلاف اهڙي آبزرويشن اچڻ بعد ن ليگ وارا ڪهڙي منهن سان وري عوام وٽ ويندا ؟.

عمران خان جو چيو ته پاڪستان ۾ ساليانه 10 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ٿيندي آهي ۽ نواز شريف کي مني لانڊرنگ ۾ ثبوتن سان گڏ پڪڙيو ويو آهي.

عمران خان چيو ته ملڪ جون سموريون اپوزيشن جماعتون وزير اعظم کان استفيٰ جون مطالبو ڪري رهيون آهن، دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو فيصلو اچي ته خود حڪمران پارٽي وزير اعظم کان استعيفا جي گهر ڪري ها.

پي ٽي آءِ  چيئرمين عمران خان ايندڙ جمعي تي اسلام آباد ۾ جلسي جو به اعلان ڪيو……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*