ڀارتي سپريم ڪورٽ بابري مسجد ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي نائب وزيراعظم لال ڪرشن آڏواڻي

indian supreme court

ڀارتي سپريم ڪورٽ بابري مسجد ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي نائب وزيراعظم لال ڪرشن آڏواڻي، بي جي بي جي اڳوڻي صدر مرلي منوهر جوشي ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اوما ڀارتي خلاف ڪيس هلائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

25 سال اڳ ايوڌيا ۾ هندو انتهاپسندن حملو ڪري تاريخي بابري مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو هو،  ڄاڻايل اڳواڻن ۽ ان وقت رياست اتر پردِيش وڏي وزير ڪليان سنگهه مٿان هزارين هندو انتهاپسندن کي هُشي ڏيڻ ۽ مجرماڻي سازش ڪرڻ جو الزام آهي.

عدالت اهو به حڪم ڏنو آهي ته ڪيس جي ڪارروائي روزاني بنيادن تي هلائي ٻن سالن اندر فيصلو ڏنو وڃي، ان وچ ۾ ڪنهن به سبب ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي نه ڪئي وڃي.

ڪلياڻ سنگهه خلاف ڪيس ان ڪري نه هلي سگهندو، جو هن وقت هو راجسٿان جو گورنر آهي ۽ آئيني طور سندس خلاف ڪا به عدالتي ڪارروائي نه ٿي هلائي سگهي.

واضح رهي ته بابري مسجد شهيد ڪرڻ وارو ڪيس لکنئو ۾ هلندڙ آهي، لال ڪرش آڏواڻي، مرلي منوهر جوشي، ڪلياڻ سنگه ۽ اوما ڀارتي جا نالا فني مونجهارن سبب خارج ڪيا ويا هئا، جنهن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي هئي.

هڪ ٻي عدالت ۾ زمين جي ملڪيت وارو ڪيس به هلندڙ آهي، جنهن ۾ مسلمانن جو موقف آهي ته مسجد جي جاءِ تي ڪا ٻي عمارت تعمير نه ٿي ڪري سگهجي، هندن جو موقف آهي ته آڳاٽي زماني ۾ ڄاڻايل هنڌ سندن ديوتا رام جو جنم ٿيو هو، جنهن تي قبضو ڪري مغل بادشاهه بابر مسجد تعمير ڪرائي هئي، عدالت هڪ فيصلي ۾ ڌرين کي مشاورت سان نبيرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*