ڪرڪيٽر خالد لطيف پنهنجي خلاف پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ ۽ ٽربيونل جي ڪارروائي کي لاهور هائيڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي

khalid latif

ڪرڪيٽر خالد لطيف پنهنجي خلاف پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ ۽ ٽربيونل جي ڪارروائي کي لاهور هائيڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

خالد لطيف لاهور هائيڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ وٽ اسپاٽ فڪسنگ جي جاچ جو اختيار ناهي، اينٽي ڪرپشن يونٽ اختيارن کان وڌي رهيو آهي.

درخواستگذار موجب، اينٽي ڪرپشن يونٽ سندس خلاف ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اينٽي ڪرپشن يونٽ ۽ پي سي بي ٽربيونل کي سندس خلاف ڪارروائي کان روڪيو وڃي.

خالد لطيف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٽربيونل ۽ ان جي اختيارن بابت به سوال اٿاريا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*