اسلام آباد جي خاص عدالت ۾مشرف غداري ڪيس جي ٻڌڻي دوران گهرو وزارت پاران مشرف جي ملڪيت بابت اڻ پوري رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي

pervaiz-musharaf-25616

اسلام آباد جي خاص عدالت  ۾مشرف غداري ڪيس جي ٻڌڻي دوران گهرو وزارت پاران مشرف جي ملڪيت بابت اڻ پوري رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، پرويز مشرف جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي  ته سندس موڪل ڏيهه اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ ڏيڻ چاهي ٿو ان کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

  جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ بينچ پرويز مشرف غداري ڪيس جي  ٻڌڻي ڪئي.

اسلام آباد جي خاص عدالت ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ بينچ پرويز مشرف غداري ڪيس جي  ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ۾ وڪيل اڪرم شيخ، چوڌري فيصل ۽ ٻيا وڪيل پيش ٿيا، جڏهن ته پرويز مشرف جو وڪيل فروغ نسيم اڄ  پيش نه ٿي سگهيو.

گهرو وزارت جي عملدارن پرويز مشرف جي ملڪيت بابت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو ته مشرف جون 7 مجموعي طور ملڪيتون آهن، ڊي ايڇ اي لاهور ۽ ڊي ايڇ اي ڪراچي سندن سوالن جا جواب ناهن ڏنا.

بئنچ جي سربراهه جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ان حوالي سان حڪم هو پاڻ جاري ڪندا.

پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته سندس موڪل عدالتن جو احترام ڪندو آهي ا هو عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو، جنهن تي عدالت چيو ته اوهان پنهنجي درخواست تي دليل ڏيو.

وڪيل اختر شاهه چيو ته مشرف هن وقت دبئي ۾ عارضي طور ترسيل آهي ۽ هو عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو، ان ڪري کيس سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

گهرو وزارت جي رپورٽ موجب، آرمي هائوسنگ اسڪيم ۾ مشرف جي ملڪيت جا تفصيل ملٽري لينڊ آفيس کي ڏيڻا آهن

گهرو وزارت جي رپورٽ موجب اسلام آباد چڪ شهزاد ۾ مشرف جو گهر آهي، جنهن جي تصديق چيف ڪمشنر ڪئي آهي.

اڪرم شيخ چيو ته پرويز مشرف پنهنجي هڪ پارٽي ٺاهي آهي، جسٽس پارٽي ان درخواست جي ڌر ٿيڻ جي درخواست ڏني هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*