افغانستان جي سرحدي علائقي ويش منڊي ۾ ڪار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا

afghanistan-blast-10517

افغانستان جي سرحدي علائقي ويش منڊي ۾ ڪار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته اسيمبلي ميمبر سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

افغان سرحدي علائقي ويش منڊي ۾ ڪار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ قنڌار صوبي جي اسيمبلي ميمبر ۽ قبائلي اڳواڻ فيض الله اچڪزئي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

افغان عملدارن موجب، ڌماڪيدار مادو ڪار ۾ نصب ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا.

افغان عملدارن جو چوڻ آهي ته اسيمبلي ميمبر فيض الله اچڪزئي گهر وڃي رهيو ته سرحدي علائقي ويجهو رستي تي بيٺل ڪار ۾ ڌماڪو ٿيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*