افغانستان جي صوبي پروان ۾ اسڪول اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ علماءَ ڪائونسل جي سربراهه سميت 7 شاگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن

afghanistan-blast-9517

افغانستان جي صوبي پروان ۾ اسڪول اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ علماءَ ڪائونسل جي سربراهه سميت 7 شاگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

پروان صوبي جي اسڪول ۾ اسڪول اندر زور دار ڌماڪي جي نتيجي ۾ علماءِ ڪائونسل جي سربراهه عبدالرحيم سميت 7 شاگرد مارجي ويا.

افغان ميڊيا موجب، ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا، جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

ڌماڪي بعد افغان سڪيورٽي فورسز ڀرپاسي وارن علائقن کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو.

افغان ميڊيا موجب، بم اسڪول اندررکيو ويو هو، ڌماڪي جي ذميواري هن وقت تائين ڪنهن به قبول نه ڪئي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*