افغان سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سبب پاڪ – افغان باب دوستي 15 هين ڏينهن به بند آهي

afghan border

افغان سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سبب پاڪ – افغان باب دوستي 15 هين ڏينهن به بند آهي، ٻنهي پاسن کان فائربندي تي به عمل جاري آهي، جڏهن ته چمن ۾ آدمشماري جو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.

پاڪ افغان ڇڪتاڻ کانپوءِ ڪلي لقمان ۽ ڪلي جهانگير ۾ 14 ڏينهن بعد آدمشماري جو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.

سڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪلي لقمان ۽ ڪلي جهانگير ۾ آدمشماري وارو عمل ٽي ڏينهن جاري رهندو.

گذريل ڏينهن پاڪ – افغان فليگ ميٽنگ کان پوءِ ٻنهي ملڪن طرفان فائربندي تي اتفاق ڪيو ويو هو.

افغان شيلنگ سبب معطل ٿيل آدمشماري وارو عمل ٽن ڏينهن اندر مڪمل ڪيو ويندو، آدمشماري لاءِ هر گهر جي سربراهه جي علائقي ۾ موجودگي کي يقيني بڻايو ويو آهي، جڏهن ته متاثر ماڻهن هن وقت به ڪئمپن ۾ موجود آهن.

5 مئي تي افغان شيلنگ بعد ڪلي لقمان ۽ ڪلي جهانگير ۾  آدمشماري جو عمل روڪيو ويو هو، ٻنهي علائقن مان ماڻهن کي لڏپلاڻ به ڪرائي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*