انگلينڊ جي ٽيم ٻن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ آخري ميچ ۾ آئرلينڊ جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 85رنز تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي

Eng-Vs-IRL-Cricket-8517

انگلينڊ جي ٽيم ٻن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ آخري ميچ ۾ آئرلينڊ جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 85رنز تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

لارڊز ۾ کيڏي ويل ٻين ون ڊي ميچ ۾ انگلش ٽيم ٽآس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

مقرره 50 اوورس ۾ انگلينڊ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 328رنز اسڪور ڪيون.

انگلش ٽيم پاران ڪپتان اين مورگن 76،جوءِ روٽ 73،عادل راشد 39،ايلڪس هيلز 32رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيا،جڏهن ته بيئراسٽو 72رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

آئرلينڊ پاران چاس ۽ميڪارٿي ٻه-ٻه ،جڏهن ته مورتاگ۽ ڊيڪرل هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

آئرلينڊ جي ٽيم انگلينڊ پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 329رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ 46 ڏهائي هڪ اوورس ۾243رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

آئرلينڊ پاران ڪپتان پورٽرفيلڊ 82،پال اسٽرلنگ 48۽ ڊيڪرل 28رنز جي اننگ کيڏي نمايا رهيا.

انگلينڊ جي ٽيم پاران پلنڪٽ ۽جوءِ روٽ 3-3، ووڊ ٻه  وڪيٽون حاصل ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

جوءِ روٽ کي آلرائونڊ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*