اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته فاٽا ۾ وفاقي سرڪار جو تجويز ڪيل رواج ايڪٽ گورنر راڄ آهي

zardari

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته فاٽا ۾ وفاقي سرڪار جو تجويز ڪيل رواج ايڪٽ گورنر راڄ آهي، جنهن کي رد ڪيون ٿا. پيپلزپارٽي فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جي حامي آهي، فاٽا جي ميمبرز مطالبن جي مڃتا لاءِ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ته پيپلزپارٽي ڀرپور ساٿ ڏيندي.

فاٽا سان تعلق رکندڙ چونڊيل نمائندن اسلام آباد ۾ آصف زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن جي مسئلن، تجويز ڪيل سڌارن ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون. آصف زرداري فاٽا جي چونڊيل نمائندن کي يقين ڏياريو ته پيپلزپارٽي سڌارن واري معاملي تي ساڻن گڏ آهي.

آصف زرداري چيو ته فاٽا جي ميمبرز جيڪڏهن پنهنجي حقن لاءِ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ته پيپلزپارٽي ان جي ڀرپور حمايت ڪندي. پيپلزپارٽي فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جي حامي آهي ۽ فاٽا ۾ گورنر راڄ کي مڪمل طور رد ڪري ٿي.

 اڳوڻي صدر چيو ته جيڪڏهن رمضان دوران فاٽا جي ميبمبرز پاران اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ويو ته مظاهرين لاءِ افطاري جو بندوبست به ڪندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*