اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ چيو آهي ته انصاف جي عالمي عدالت ڪير ٿيندي آهي

rehman malik

اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ چيو آهي ته انصاف جي عالمي عدالت  ڪير ٿيندي آهي جو ڪلڀوشن جو فيصلو ڪري، عدالت جو فيصلو فڪسڊ ميچ ٿو لڳي، مان پاڻ عالمي فورمز   تي ڪلڀوشن خلاف دليل ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته عالمي عدالت جيڪو فيصلو ڏنو اهو سندس  مئنڊيٽ ۾ نه ٿو اچي.

هن چيو ته عالمي عدالت  کي سڀ کان اڳ ۾ ڪشمرين جو موقف ٻڌي ڪشمير ڪيس هلڻ گهرجي.

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته پيپلز پارٽي ڪلڀوشن خلاف ڪنهن به ايڪشن جي حمايت ڪندي، مان پاڻ عالمي فورمز   تي ڪلڀوشن خلاف دليل ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

سندس چوڻ هو ته  ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان ٽوڙڻ جواعتراف ڪيو ۽ گهرو وزير راجناٿ پاڪستان کي سبق سيکارڻ جون ڳالهيون ڪيون، ٻنهي بيانن کي به عالمي عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجن ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*