بلوچستان جي تربت واري علائقي ۾ روڊ تي ڪم ڪندڙ خيرپور واسي 3 پورهيتن کي دهشتگردن قتل ڪري ڇڏيو آهي

turbat mazdoor qatal

بلوچستان جي تربت واري علائقي ۾ روڊ تي ڪم ڪندڙ خيرپور واسي 3 پورهيتن کي دهشتگردن قتل ڪري ڇڏيو آهي، بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

تربت جي علائقي هوشياب ۾ روڊ جي تعمير جو ڪم ڪندڙ پورهيتن تي دهشتگردن  فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ خيرپور واسي 3 پورهيت شهيد ٿي ويا.

واقعي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، شهيد ٿيل پورهيتن ۾ خيرپورواسي غلام عباس ۽ نادل شامل آهن.

بلوچستان جي وڏي وزير ثناءَ الله زهري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي روڪيندڙن جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.

ثناءَ الله  زهري چيو ته بي گناهه ماڻهن جو رت وهائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به  بلوچستان جي گوادر واري علائقي ۾ ڪنڊيارو واسي 9 سنڌي پورهيتن کي  قتل ڪيو ويو هو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*