خيرپور ۾ اسڪارپ کاتي جي ملازمن پاران ٽريزري کاتي ۾ رشوت وٺندڙ آفيسرن خلاف آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

khairpur-map10-8

خيرپور ۾ اسڪارپ کاتي جي ملازمن پاران ٽريزري کاتي ۾ رشوت وٺندڙ آفيسرن خلاف آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

شهباز ڦلپوٽي ۽ اعجاز لنجواڻي جي اڳواڻي ۾  ملازمن آفيسن جي تالابندي ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪري ٽريزري آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ملازمن الزام هنيو ته ٽريزري آفيس جو آفيسر بلن جي مد ۾ هزارين روپيا رشوت گهري رهيو آهي.

هنن چيو ته ٽريزري آفيس ۾ بل ٺاهڻ جا سرعام رشوت ورتي ٿي وڃي، ڪو به اعليٰ عملدار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٽريزري آفيس ۾ رشوت وٺندڙ آفيسر کي جلد هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ سومر کان آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*